امتياز خان حسين اصفهاني خالص

امتياز خان حسين اصفهاني ’خالص ‘:سيد امتياز خان اصفهاني ’خالص‘ پنهنجي دور جو وڏو عالم، فاضل ۽ شاعر هو. هن کي ميان يار محمد (خدا يار خان) ڪلهوڙي شهيد ڪرائي، سندس مال و اسباب پاڻ کنيو. امتياز خان جو اصل نالو سيد حسين شاهه هو ۽ هو اصفهان جو رهاڪو هو. اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ هندستان ۾ آيو ۽ گهڻو وقت دکن ۾ گذاريائين. هن کي امتياز خان جو خطاب عالمگير طرفان عطا ٿيو. عالمگير بادشاهه هن کي عظيم آباد صوفيءَ جي عدالت تي مقرر ڪيو هو. شاهه عالم بهادر شاهه اول جي دور ۾ پنهنجي لکين رپين جي مال سان گڏ ايران روانو ٿيو.هن جي علمي قابليت کان متاثر ٿي گجرات جي نواب پنهنجي نياڻيءَ جي شادي امتياز خان سان ڪرائي. ’مفتاح التواريخ‘ ۽ ’عماد السعادت‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته:
سيد حسين مير بوعلي نالي مشهد جي عالم جو فرزند هو، جيڪو هندستان آيو.“ بنگال جو نواب سيد قاسم علي خان (مير قاسم) امتياز خان جو پوٽو هو.
امتياز خان جي شهادت بابت ”مثرالڪرام“ ۾ مير غلام علي آزاد بلگرامي ڄاڻائي ٿو ته: ”سيد حسين امتياز خان اصفهاني جو تخلص ’خالص‘ هو، هو هندستان کان ايران وڃي رهيو هو، جڏهن سيوستان پهتو ته سنڌ جي زميندار ميان خدايار خان 1122هه / 1710ع ۾ ان کي شهيد ڪرائي ان جي لکن جي مال تي قبضو ڪيو، ان کان پوءِ خدايار خان علامه عبدالجليل بلگراميءَ کي پيغام موڪليو ته هي واقعو جهڙي طرح پيش آيو آهي، تهڙيءَ طرح سوانح ۾ بيان نه ڪيو وڃي. ان لاءِ ٻه هزار سونيون اشرفيون علامه جي خدمت ۾ پيش ڪيائين، جيڪي چوڏهن هزار رپين جي برابر ٿين ٿيون. علامه عبدالجليل ميان يار محمد خان جي هن پيشڪش کي رد ڪري ڇڏيو ۽ جيڪا حقيقت هئي ان کي قلمبند ڪيائين.“ مير عبدالجليل امتياز خان جي شهادت جي ماده تاريخ هينئن ڪڍي آهي:
”آه آه امتياز خان
1122هه
ميان يار محمد ڪلهوڙو 1122هه / 1710ع ۾ سيد حسين اصفهاني کي وڏي بيدرديءَ سان شهيد ڪرائي، ان جي مال ملڪيت تي قابض ٿيو ۽ 1130هه / 1718ع ۾ نامور صوفي بزرگ شاهه عنايت شهيد ۽ ان جي فقيرن کي پڻ وڏي بيرحميءَ سان قتل ڪرائڻ واري سازش ۾ برابر جو شريڪ هو. امتياز خان خالص جا شعر نهايت دلچسپ آهن، غزلن جي ديوان کان سواءِ مرثيه، سلام، قطعه تاريخون ۽ هڪ مثنوي پڻ آهي. سندس هڪ شعر ڏجي ٿو:
شاعري کو همه دم مدح و ثنامي گويد
روز شب نيک و بد شاه و گدامي گويد
گاهه گر مدح کندگاهه هجامي گويد
اين همه از پئي آنست که زر مخواهد.
(ترجمو: شاعر جيڪو مدح و ثنا ڪندو رهي ٿو، شاهه و گدا کي ڏينهن رات سٺو خراب چوندو ڦري ٿو. ڪڏهن ڪنهن جي واکاڻ ڪري ٿو ته ڪڏهن ڪنهن جي گلا ڪري ٿو، اهو سڀ انڪري ته کيس پئسا ۽ مال گهرجي.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1710  عيسوي

ميان يار محمد ڪلهوڙي 1122هه / 1710ع ۾ سيد حسين اصفهاني کي وڏي بيدرديءَ سان شهيد ڪرايو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خادم حسين شاهه نقوي
عبدالحڪيم، مولوي 2
در محمد سڪندري
حافظ محمد يوسف ٽکڙائي
ابوالحسن صغير
محمد شاهه امروٽي
احمد رضا بريلوي
آريجو غلام محمد
رفيع الدين مولانا
جھمٽ مل نارومل وسناڻي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون